انور ڪليم

انور ڪليم

انور ڪليم

انور ڪليم: مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس انور ڪليم کوسي جو جنم 05 جون 1968ع تي ڳوٺ رئيس عبدالحق کوسي، تعلقي ميري خان، ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽرميڊيٽ آهي. هن 1982ع ڌاري، اردوءَ ۾ ٻاراڻين ڪھاڻين سان لکڻ جي شروعات ڪئي. 1990ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڪھاڻيون لکيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’32‘ (2005ع: ڪھاڻيون)، ’واپسي‘ (ناول: 2020ع)، ’رجيم‘ (ناول: 2022ع)، ’ڪبوتر جواب ڳولي ٿو‘ (ناول: 2022ع) ۽ ’بوءِ‘ (ڪھاڻيون: 2022ع) شامل آهن. سندس ناول ’واپسي‘ تي کيس ”انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران سال جي بھترين ناول جو اوارڊ“ ۽ ’حق باهو‘ تنظيم پاران ڏهه هزار روپيا انعام ڏنو ويو. سندس ساڳئي ناول جو ’The Return‘ جي نالي سان انگريزي ترجمو 2022ع ۾ لاهور مان شايع ٿيو آهي. انور ڪليم سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ليکڪ رسول ميمڻ جي ناول ‘ڪتا’ جو اردو ۾ ۽ اردوءَ جي معروف افسانه نگار منشاياد جي اردو افسانن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪري چڪو آھي.


لفظ انور ڪليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.06.05  عيسوي

مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس انور ڪليم کوسي جو جنم 05 جون 1968ع تي ڳوٺ رئيس عبدالحق کوسي، تعلقي ميري خان، ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريل فقير پينار
ڏگو نور محمد
ڌڻي بخش ميمڻ
چوڌري شجاعت حسين
ٿانور ڀٽي
عبدالفتاح عابد لاشاري
ڊيوڊراس
ڇٽو فقير ڪوريجو
پريتم پياسي
بلوچ عنايت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون